جلال محمود شاهه

جلال محمود شاهه

جلال محمود شاهه سيد

جلال محمود شاهه سيد: ناميارو سياسي اڳواڻ، سيد جلال محمود شاهه سنڌ جي قومي اڳواڻ، مدبر ۽ مفڪر سائين جي. ايم. سيد جو پوٽو، نامياري سياستدان سيد امداد محمد شاهه جو فرزند آهي. هن 14 سيپٽمبر 1964ع تي سن ۾ جنم ورتو. پرائمري جا پنج درجا ۽ سيڪنڊري جو ڇهون ڪلاس سن مان پاس ڪري، ستين ڪلاس کان انٽر تائين ڪيڊٽ ڪاليج پيٽاري ۾ پڙهيو. 1986ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج نوابشاهه مان بي. اي ڪيائين.

جلال محمود شاهه ننڍي هوندي کان ئي پنهنجي ڏاڏي سائين جي ايم سيد جي صحبت ۾ رهيو. ڪيڊٽ ڪاليج پيٽاري ۾ پڙهڻ دوران وئڪيشن جو سمورو وقت ڏاڏي جي صحبت ۾ يا ڪتابن جي مطالعي ۾ گذاريندو هو. جلال محمود شاهه پنهنجي ڏاڏي ۽ پيءُ وانگر ننڍي هوندي کان ئي سماجي ڪمن ۾ اڳڀرو رهيو. اڳتي هلي هن والد جي نقش قدم تي هلندي سماجي ڪمن سان گڏ سياست ۾ به عملي طور حصو ورتو.

1983ع جي ايم. آر. ڊي تحريڪ دوران شاگرد جي حيثيت ۾ ڪيترن احتجاجي مظاهرن ۾ حصو ورتائين. 1985ع ۾ نوابشاهه ۾ هم خيال دوستن سان گڏ ’ينگ پروگريسوِ ٿنڪرس فورم‘ قائم ڪري، ان جو سربراهه ٿيو. 1986ع ۾ والد جي هدايتن هيٺ سن وڃي رهيو ۽ سائين جي. ايم. سيد جو زمينداريءَ ۽ گهرو معاملن ۾ مددگار ٿي رهيو.

1996ع ۾ ينگ پروگريسوِ ٿنڪرس فورم ’سنڌ ٿنڪرس فورم‘ ۾ تبديل ٿيو ۽ جلال محمود شاهه ان جو پهريون صدر ٿيو. هن فورم ۾ سيد منير شاهه ذاڪري، آصف بالادي ۽ ٻيا نوجوان ساڻس گڏ هئا. هن فورم تان ڪيترا ادبي پروگرام ڪرايا ويا. ستار رند ۽ ٻين نوجوانن جا ڪجهه ڪتاب به ڇپرايا ويا.

سيد جلال محمود شاهه 1997ع جي عام چونڊن ۾ آزاد اميدوار طور سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. هو 22 فيبروري 1997ع تي سنڌ اسيمبليءَ جو ڊپٽي اسپيڪر چونڊيو، جڏهن ته 30 آڪٽوبر 1998ع کان 12 آڪٽوبر 1999ع تائين سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر به رهيو. 1998ع ۾ جڏهن مرڪزي حڪومت سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر جا اختيار معطل ڪيا ۽ هڪ نوٽيفڪيشن ذريعي ميمبرن جو اجلاس گهرايو ته سيد جلال محمود شاهه ان معاملي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو، جنهن سندس اختيار بحال ڪيا.

جنرل (ر) پرويز مشرف جي دور دوران 2001ع وارين بلدياتي چونڊن ۾ سيد جلال محمود شاهه تعلقي ڪوٽڙيءَ جي آمري، سن، لاکا، مانجهند ۽ منظورآباد يونين ڪائونسلن ۾ پنهنجا ميمبر ۽ ناظم اميدوار طور بيهاريا. ٽن يونين ڪائونسلن آمري، سن ۽ لاکا ۾ سندس ميمبرن ۽ ناظمن ڪاميابي حاصل ڪئي. تعلقي ڪوٽڙيءَ جو ناظم خدا بخش جويي کي چونڊرايائين، جيڪو مشهور ٽي. وي پروڊيوسر ۽ پي. ٽي. ويءَ جي اڳوڻي جنرل مئنيجر عبدالڪريم بلوچ کي هارائي ڪامياب ٿيو. ٻي بلدياتي چونڊ (2005ع) ۾ سيد جلال محمود شاهه جا وڌيڪ ڪائونسلر ڪامياب ٿيا ۽ ڇهن يونين ڪائونسلن- آمري، سن، لڪي، مانجهند، منظور آباد ۽ لاکا ۾ سندس ناظم چونڊجي آيا. پاڻ ضلعي ناظميءَ جي چونڊ به وڙهيو، پر ڪامياب نه ٿي سگهيو.

سيد جلال محمود شاهه اسيمبلي ميمبر هجڻ دوران توڙي بلدياتي نظام ۾ پنهنجي اباڻي علائقي تعلقي ڪوٽڙي ۽ نوابشاهه ضلعي ۾ پنهنجي والد جي سرپرستيءَ ۽ پوئلڳيءَ ۾ ڪيترائي روڊ رستا، اسڪول، اسپتالون ۽ واٽر سپلاءِ جون اسڪيمون منظور ڪرايون. خاص ڪري ڳوٺ وڏن گائنچن ۾ ڊرينيج سسٽم ۽ واٽر سپلاءِ اسڪيم، آمري شهر ۾ واٽر سپلاءِ اسڪيم ۽ شاهه اويس قرنيءَ جي ڀرپاسي جي 10 ڳوٺن ۾ واٽر سپلاءِ اسڪيمون منظور ڪرائڻ سندس اهم خدمتن ۾ شامل آهن. جلال محمود شاهه سن، آمري، مانجهند ۽ ٻين شهرن جون گهٽيون پڪيون ڪرايون ۽ ڪيترن ئي اسڪولن جي عمارتن جي منظوري ورتائين. هن پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کان ٻاهر جي سياستدانن تي مشتمل سنڌ ڊيموڪريٽڪ الائنس (S.D.A) قائم ڪري، ان جي پليٽ فارم تان پڻ سياست ڪئي. 9 ڊسمبر 2007ع تي هن ڄام شوري ۾ هڪ وڏو ڪنويشن ڪوٺائي ’سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي‘ جو بنياد وڌو، جنهن جو کيس صدر چونڊيو ويو. هو اڃا تائين ان پارٽيءَ جي صدر طور ڪم ڪري رهيو آهي. سندس پارٽيءَ جي پروگرام ۾ سماجي انصاف سان گڏ خوشحال ۽ خودمختيار سنڌ وارو مقصد شامل آهي.

هن سن شهر ۾ سماجي براين ۽ منشيات جي پاڙ پَٽڻ لاءِ ڪافي اثرائتا قدم کنيا آهن. سن ۾ سائين جي. ايم. سيد جي درگاهه جي وسعت سان گڏ ڀرپاسي جا رستا ٺهرائڻ ۽ وڻ پوکائڻ سميت ڪيترائي تعميري ڪم ڪيا اٿائين.

سيد جلال محمود شاهه ’شاهه صدر ايجوڪيشنل سوسائٽيءَ‘ جو چيئرمئن، جي. ايم. سيد فائونڊيشن جو سرپرست ۽ امداد فائونڊيشن جو ميمبر رهيو آهي. هن جي. ايم. سيد فائونڊيشن پاران پنهنجي ڏاڏي سائين جي. ايم. سيد جا ڪيترائي ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪتاب شايع ڪرايا آهن. سندس علمي، ادبي، سماجي ۽ ثقافتي خدمتن بابت ڪيترائي سيمينار ۽ ڪانفرنسون ڪوٺائي، انهن ۾ پڙهيل مقالن کي ڪتابي صورت ڏياري آهي. هن سائين جي. ايم. سيد جي جڳ مشهور لائبرريءَ کي ڄام شوري ۾ پنهنجي رهائش ’جي. ايم. سيد ايڊيفڪس‘ ۾ منتقل ڪرايو آهي، جتي تحقيق ڪندڙن کي رهائش ۽ کاڌي وغيره جي سهولت مهيا ڪئي ويندي آهي. هن سنڌ جي پاڻيءَ، قومي پيداواري وسيلن ۽ ٻين ڪيترن ئي اهم مسئلن تي ڪانفرنسون ڪوٺرايون آهن. هن جا سنڌ، بلوچستان، خيبر پختونخوا ۽ سرائڪي علائقي جي اهم سياستدانن سان سياسي ۽ خانداني لاڳاپا آهن. پنهنجي ڏاڏي ۽ پيءُ واري مهمان نوازي، سماجي خدمت ۽ سياسي عبادت واري ڪم کي جاري رکيو پيو اچي.





هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1964.09.14  عيسوي

جلال محمود شاهه سيد: ناميارو سياسي اڳواڻ ، سيد جلال محمود شاهه سنڌ جي قومي اڳواڻ ، مدبر ۽ مفڪر سائين جي . ايم . سيد جو پوٽو ، نامياري سياستدان سيد امداد محمد شاهه جو فرزند آهي . هن 14 سيپٽمبر 1964ع تي سن ۾ جنم ورتو


1997.00.00  عيسوي

سيد جلال محمود شاهه 1997ع جي عام چونڊن ۾ آزاد اميدوار طور سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو


1997.02.22  عيسوي

هو 22 فيبروري 1997ع تي سنڌ اسيمبليءَ جو ڊپٽي اسپيڪر چونڊيو


1998.10.30  عيسوي

جڏهن ته 30 آڪٽوبر 1998ع کان 12 آڪٽوبر 1999ع تائين سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر به رهيو


1998.00.00  عيسوي

1998ع ۾ جڏهن مرڪزي حڪومت سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر جا اختيار معطل ڪيا ۽ هڪ نوٽيفڪيشن ذريعي ميمبرن جو اجلاس گهرايو ته سيد جلال محمود شاهه ان معاملي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آڏواڻي جڳت
ضياء الحسين لنجار
اديب انقلابي
عبدالمالڪ خشڪ
ديبلي ابو محمد حسن بن حامد
پرويز غلام احمد
بلاول شاهه حسيني
ٿامس ايڇ ويلر
حاجي خداداد سرهيو
باتو خان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون